لنڊن -07 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ ڀارت جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن عالمي ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جو چوٿون ميچ 9 جولاءِ تي ايمريٽس اولڊ ٽريفورڊ، مانسچٽر ۾ کيڏيو ويندو. ڀارت جي عورتاڻي ٽيم کي ميزبان انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل آهي. ڀارتي عورتاڻي ٽيم پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ برطانوي ٽيم کي 97 رنسن تان جڏهن ته ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 24 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٽين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان انگليڊ جي ٽيم ڀارتي ٽيم کي 5 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ڀارت جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 5 ٽي – ٽوئنٽي ۽ 3 هڪ ڏينهن واريون عالمي ميچن جون سيريز کيڏندي. ٽي – ٽوئنٽي  سيريز ۾ ڀارتي ٽيم کي هرمن پريت ڪور ليڊ ڪندي جڏهن ته ميزبان برطانوي ٽيم کي بائولنگ آل رائونڊر نيٽ سڪيور برنٽ ليڊ ڪري رهي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي-  ٽوئنٽي سيريز جو چوٿون ميچ 9 جولاءِ تي کيڏيو ويندو جڏهن ته پنجون ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 12 جولاءِ تي کيڏيو ويندو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 16 جولاءِ تي، ٻيو ميچ 19 جولاءِ تي جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ميچ 22 جولاءِ تي کيڏيو ويندو.