اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتصالات گروپ کي پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اماراتي ڪمپنين سميت سمورين ٻاهرئين سيڙپڪار ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ موقعا  فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اماراتي ٽيلي ڪميونيڪشن ڪمپني اتصالات گروپ جي سي اي او حاتم دويدار جي قيادت ۾ 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم اتصالات گروپ کي پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪندي، گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل ثقافت، ڀائيچاري ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل پراڻا لاڳاپا آهن، اماراتي ڪمپنيون پاڪستاني معيشت ۾ وڏي عرصي کان سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن، اماراتي ڪمپنين سميت سمورين ٻاهرئين سيڙپڪار ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. سي اي او حاتم دويدار تازي حڪومتي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ بهتر ڪاروباري ماحول جي فراهمي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اتصالات گروپ پاڪستان ۾ گذريل 19 سالن کان ڪامياب سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي، اسان جي ڪمپني ۾ 10 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني قابل قدر خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسان پاڪستان ۾ مستقبل جي لاءِ ڊگهي مدي واري ۽ ڪامياب سيڙپڪاري جي لاءِ پرعزم آهيون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آءِ ٽي واري وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.