اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) سوئيڊن اسلام آباد ۾ ويزا سروسز ٻيهر کوليندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 2 جولاءِ تي اسٽاڪ هوم ۾ پاڪستان ۽ سوئيڊن جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ ٿيندڙ ٻطرفي سياسي مشاورت کانپوءِ سوئيڊن جي حڪومت اسلام آباد ۾ ويزا سروسز ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان چيو ته ان سان پاڪستانين کي مختصر قيام جي لاءِ سوئيڊن وڃڻ جي سهولت ملندي. 7 جولاءِ 2025ع کان موثر پاڪستاني شهري 90 ڏينهن تائين جي سوئيڊن جي دورن جي لاءِ پاڪستان کان شينگن ويزا جي لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ان مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪري ٿو جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسٽاڪ هوم ۾ ٻطرفي مشاورت ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) ڪئي جڏهن ته سوئيڊن پاران سوئيڊش پرڏيهي وزارت جي عالمي معاملن بابت ڊائريڪٽر جنرل ڪئي.