اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) انساني حقن بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري صبا صادق چيو آهي ته حڪومت پورهيتن جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته موجوده حڪومت پورهيت طبقي جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مزدورن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته تيز رفتار، جامع ۽ پائيدار ترقي جو هدف رڳو محنتي ۽ پرعزم افرادي قوت جي ڪوششن سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي تعاون سان مزدورن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ڀلائي ۽ انهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. هن چيو ته اسان چڱي ريت سمجهون ٿا ته رڳو هڪ صحتمند، خوشحال، تعليم يافته ۽ سٺو روزگار رکندڙ افرادي قوت ئي پاڪستان کي ان جي مڪمل سماجي ۽ معاشي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي ٿي ۽ اها ئي اها شيءَ آهي جنهن جي لاءِ اسان پوري خلوص ۽ مقصد سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن عورتن سميت پورهيت ڪارڪنن جي محنت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن جي ڪري ئي معيشت اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته ڪم جي محفوظ ۽ صحتمند ماحول کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪارڪنن جي لاءِ مناسب تربيت جي ضمانت ڏيڻ جي لاءِ سڌارا جاري آهن. صبا صادق چيو ته حڪومت نوجوانن کي مختلف مهارتن جي تربيت ڏئي رهي آهي ۽ انهن جي سرٽيفڪيشن کي يقيني بڻائي رهي آهي ته جيئن انهن جي ٻاهرئين ملڪ روزگار جا موقعا حاصل ڪرڻ جي امڪانن کي بهتر بڻائي سگهجي. هن ورڪ فورس جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.