اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ زرعي سڌارن جي لاءِ جامع حڪمت عملي طلب ڪندي چيو آهي ته زرعي شعبي جي پيداوار ۾ بهتري، ويليو ايڊيشن ۽ زرعي مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي جنسن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ زرعي شعبي جي تحقيقي مرڪزن کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي ۽ جاري سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، زرعي شعبي جي ماهرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ربيع ۽ خريف جي وڏي فصلن جي گذريل سال پيداوار، آبادگارن کي درپيش مسئلن، اڳتي جي حڪمت عملي ۽ تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي حڪومتي سڌارن جي لاڳو تي اڳڀرائي ۽ زراعت تي موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. زرعي شعبي تي قائم ٽاسڪ فورس پاران بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جديد زرعي مشينري، معياري ٻج، فصلن جي جاگرافيائي منصوبابندي ۽ آبادگارن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي جي لاءِ قدمن جي ڊگهي ۽ گهٽ مدي واري جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي،  زرعي جنسن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ زرعي شعبي جي تحقيقي مرڪزن کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، زرعي تحقيقي مرڪزن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارتنرشپ تحت جديد تحقيق کي يقيني بڻايو وڃي، زراعت ۾ مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جي خدمتن مان فائدو کنيو وڃي، زرعي جنسن جي ويليو ايڊيشن سان برآمدي شين جي تياري جي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي زرعي صنعت جي ترقي جي حوالي سان قدمن جي حڪمت عملي پڻ پيش ڪئي وڃي، منافعو ڏيندڙ فصلن جي پوکيءَ ۽ پاڪستان کي غذائي تحفظ جي حوالي سان پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ آبادگارن کي هر قسم جي رهنمائي فراهم ڪرڻ جا قدم کنيا وڃن، آبادگارن ۽ ٻين ڌرين سان گڏ تجويزن جي لاءِ مشاورتي عمل کي يقيني بڻايو وڃي، زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان رابطو ۽ تعاون وڌيڪ ٺوس بڻايو وڃي، موسمياتي تبديلين جي خراب اثرن کان بچڻ جي لاءِ ڪلائميٽ رزسٽينٽ ٻج ۽ زراعت جا جديد طريقيڪار اختيار ڪرڻ ۾ آبادگارن جي مدد ڪئي وڃي، برساتن ۽ ٻين موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ نئين موزون علائقن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪپهه جي پوکيءَ جي لاءِ صوبائي حڪومت سان تفصيلي مشاورت کانپوءِ جامع منصوبابندي ڪئي وڃي، نباتاتي ٻارڻ کي ملڪ جي انرجي مڪس ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ۽ منصوبابندي ڪئي وڃي ۽ زرعي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارن جي لاءِ جامع حڪمت عملي جلد پيش ڪئي وڃي.