اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات ۽ ناڻي وارين وزارتن جي 24-2023ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. مواصلات واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ آفيس مالي سال 2021ع ۾ 4 ارب کان وڌيڪ ماليت جي مختلف مدن ۾ غلط قائدا استعمال ڪيا. مواصلات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان کي سڄي ملڪ ۾ 85 جي پي اوز آهن، جن سمورين لکي ڏنو اهي ته هو آڊٽ جي مرضي مطابق سموري رقم جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ڊي جي پاڪستان پوسٽ چيو ته نيشنل بئنڪ گذريل ڏينهن اسلام آباد جي پي او جي ڊيٽا ڏئي ڇڏي آهي، جيئن اسان کي باقي ڊيٽا نيشنل بئنڪ کان ملندي ته اسان مسئلو حل ڪنداسين. نيشنل بئنڪ اختيارين به پي اي سي کي ٻڌايو ته هو ڊيٽا فرام ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان پوسٽ طرفان ٻڌايو ويو ته هاڻي اسان جي روينيو جي رقم نئين اڪائونٽنگ سسٽم تحت پنهنجي لاڳاپيل مد ۾ ئي وڃي ٿي. آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته 2024ع ۾ انهن جي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي به هن اداري ۾ مالياتي نظم و ضبط جو فقدان آهي. نيشنل بئنڪ ته ڊيٽا فراهم ڪري سگهي ٿو باقي نظام درست ڪرڻ جي ذميواري ته پاڪستان پوسٽ جي پنهنجي آهي. مواصلات واري سيڪريٽري چيو ته سمورو حساب مڪمل جاچ ڪنداسين جنهن جي به ڪوتاهي ثابت ٿي ڪارروائي ڪنداسين. ڪوٽ ادو محمود ڪوٽ ۾ تيل ڊيپو مان سم نالي ۾ 180 ملين روپين جو تيل به وڃڻ واري معاملي تي پي ايس او طرفان ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان 5 اهلڪارن جي غفلت ڏٺي وئي جن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو ۽ انهن کان 42 لک جي رڪوري ڪئي وئي. پي اي سي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته ان واقعي سان ماحوليات کي به نقصان پهتو آهي. پيٽروليم ڊويزن واري سيڪريٽري به چيو ته ان جي سمورن رخن کي نظر ۾ رکندي تحقيقات ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جو چوڻ هو ته ان سان زمين اندر پاڻي کي به نقصان پهتو آهي. ٿرڊ پارٽي آڊٽ هئڻ گهرجي، پي اي سي جي ميمبرن ايم ڊي پي ايس او جي موقف سان اتفاق ناهي ڪيو ۽ چيو ته صرف ننڍن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي ۽ وڏن آفيسرن کي بچايو ويو. پي اي سي ان معاملي جي جاچ پڙتال لاءِ پي اي سي جي سيد نويد قمر جي سربراهي ۾ قائم ذيلي ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو. ناڻي وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته نادرا هيڊ ڪوارٽر 25 سالن کان بنا ڪنهن معاهدي جي اسٽيٽ بئنڪ جي عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته اسان جون نادرا سان ڳالهيون ٿيون آهن هاڻي اهو معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پي اي سي جي ميمبرن چيو ته ان معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ جي غفلت ظاهر ٿئي ٿي. نادرا چيئرمين کي گهرائي پڇاڻو ڪيو وڃي. اها اسان جي پراڻي اسيمبلي بلڊنگ ۽ قومي ورثي جو درجو رکي ٿي. ان عمارت کي پنهنجي اصل حالت ۾ بحال ٿيڻ گهرجي. نادرا هر سروس جي فيس وٺي ٿو. ان کي به پنهنجون بقايائون اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪرڻ گهرجن. اسٽيٽ بئنڪ کان به پڇاڻو ڪيو وڃي. پي اي سي ايندڙ اجلاس ۾ ان معاملي تي وضاحت لاءِ نادرا چيئرمين کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.