بيجنگ-08 جولاءِ (اي پي پي) چين جو پرڏيهي وزير وانگ يي 10 کان 11 جولاءِ تائين ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ ٿيندڙ آسيان پلس پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن ٻڌائي. هن چيو ته چين جو پرڏيهي وزير ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جو ميمبر وانگ يي چين-آسيان پرڏيهي وزيرن جي اجلاس، آسيان پلس ٿري(چين، جاپان، جمهوريه ڪوريا) جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس، اوڀر ايشيا سربراهي اجلاس جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۽ آسيان علائقائي فورم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.