تھران – 08 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان اعلان ڪيو آھي ته اسان پنھنجي ايٽمي پروگرام تي آمريڪا سان ڳالھين جي بحالي لاءِ تيار آھيون. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن اھا ڳالھه آمريڪي صحافي ٽڪر ڪارلسن سان ھڪ انٽرويو ۾ آمريڪا سان اعتماد جي بحران جو انڪشاف ڪندي چئي ته جيڪڏھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ اعتماد بحال ٿي وڃي ته ايران کي آمريڪا سان پنھنجي ايٽمي پروگرام تي ڳالھيون ٻيھر شروع ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو نه آھي. ايراني صدر چيو ته ايران ڪئين يقين ڪري سگھي ٿو ته آمريڪا اسرائيل کي ٻيھر ايران تي حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.