اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ ميانمار، برونائي دارالسلام، ويتنام، ٿائيلينڊ، فلپائن، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا سميت آسيان مشنز جي سربراهن هلندڙ هفتي جي آخر ۾ آسيان ريجنل فورم جي 32هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب هن آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي حصيداري جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مضبوط پاڪ – آسيان تعاون جو ذڪر ڪندي واپار، سياحت، رابطي، آءِ ٽي ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.