بيجنگ- 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان انڊر 18 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو. پاڪستان بنگلاديش جي پول ميچ ۾ 3 جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان شڪست ڏئي گروپ ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي. چين ۾ کيڏيل  انڊر 18 مينز ايشيا ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 3 جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان شڪست ڏني. پاڪستان طرفان عبدالله اعواڻ،  علي حنظله 2-2 گول، جڏهن ته آسام حيدر ۽ عاطف علي هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو. بنگلاديش طرفان اسماعيل حسين 2 جڏهن ته دين اسلام هڪ گول اسڪور ڪيو. پاڪستان (اڄ)  9 جولاءِ تي چوٿين ۽ پول جي آخري ميچ چين خلاف کيڏندو.