اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي هن سال آزادي جي ڏهاڙي کي قومي جوش ۽ جذبي، اتحاد ۽ هڪ نئين جوش سان ”حق جي ويڙهه“ جي عنوان سان ملهايو ويندو ته جيئن عوام جي عزم، يڪجهتي ۽ روشن مستقبل جي اميد کي ڀرپور انداز ۾ خراجِ تحسين پيش ڪري سگهجي. ان حوالي سان وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن شروعاتي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري وزارت، گهرو وزارت، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت، تعيلم ۽ پيشيوراتي تربيت واري وزارت، بين الصوبائي رابطن واري وزارت، آءِ ايس پي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير اجلاس جي صدارت ڪندي ٻُڌايو ته هن سال يومِ آزادي حق جي ويڙهه جي عنوان سان ملهائي ويندي ته جيئن قوم جي ايمان، حوصلي ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪري سگهجي. هن چيو ته اهي تقريبون دنيا کي اهو پيغام ڏينديون ته پاڪستاني هڪ خوددار، مضبوط ۽ پُرعزم قوم آهي جيڪا پنهنجي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نه ڪندي. هن چيو ته اهو جشن نه صرف اسان جي آزاديءَ جي يادگار آهي پر قومي احيا جو لمحو آهي، اهڙو لمحو جيڪو اسان جي قوم جي مزاحمت، رياست جي استقامت ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي اُڀرندڙ سُڃاڻپ کي ظاهر ڪري ٿو. وفاقي وزر هدايت ڪئي ته سموريون يونيورسٽيون ۽ اسڪول يومِ آزادي جي تقريبن کي هڪ ئي انداز سان ملهائين جنهن لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وزارت کي ضرورت قدم کڻڻ جي هدايت ڏني وئي. اهڙيءَ طرح پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني سفارتخانن ۾ به تقريبن کي هم آهنگ انداز ۾ منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. احسن اقبال چيو ته اسان کي ان موقعي تي حق جي ويڙهه جي روح کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، جتي اسان جي فوج، عوام، حڪومت ۽ سمورا ادارا گڏ بيٺل آهن. اڄ اسان ڏسي رهيا آهيون ته مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، روانگي واپار ۾ واڌ ٿي آهي، ڊجيٽلائزيشن سان طرزِ حڪمراني بدلجي رهي آهي ۽ جدت هٿي وٺي رهي آهي، هي وقت آهي ته اسان پاڪستان جي ڪاميابين کي دنيا آڏو فخر سان پيش ڪريون. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته قوم متحد آهي، ثابت قدم آهي ۽ هر سازش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اسان جي سول ۽ عسڪري قيادت سان گڏ بيٺل آهي، انهن تقريبن سان دنيا کي واضح پيغام ملندو ته پاڪستان متحد آهي ۽ مضبوط آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ٻُڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ملي نغما، خصوص پروگرامز ۽ هڪ جامع دستاويزي فلم سميت مختلف سرگرمين جي تياري جاري آهي جنهن سان ملڪ جي ڪاميابين ۽ عالمي سطح تي ساراهه کي اجاگر ڪنداسين. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي تعليم خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي اسڪولن ۽ شاگردن ۾ يومِ آزادي لاءِ جوش ۽ جذبو ڏيڻو آهي. تقريري مقابلا، مضمون نويسي، مصوري ۽ ٻيون تخليقي سرگرم يون منعقد ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تقريبن ۾ عام شهري، شاگرد، فنڪار، ڪاروباري طبقو ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني به شامل هجن ته جيئن سڄو پاڪستان هڪ آواز ۾ پنهنجي ڪهاڻي دنيا کي ٻُڌائي. اجلاس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته يومِ آزادي صرف هڪ يادگار ڏينهن ناهي پر هي هڪ اعلان هوندو ته پاڪستان ٻيهر اُٿي بيٺو آهي ۽ هن ڀيري بلند اُڏام ۾ آهي. حڪومت هر پاڪستانيءَ کي اپيل ڪئي ته هو انهن تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ۽ دنيا کي هڪ متحد، پُرعزم ۽ فخر سان ڀرپور قوم جو پيغام ڏي.