اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پرڏيهي وزارت ۾ آسيان هيڊز آف مشنز جي ميزباني ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن وچ اوڀر جي پاليسي جي موثر لاڳو کي يقيني بڻائڻ ۽ آسيان جي سمورن ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي پاڪستان آسيان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي قدمن تي پڻ روشني وڌي.