راولپنڊي-08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تاريخي ۽ آزمايل لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ هم آهنگي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل خواهشن تي ٻَڌل آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري ڪيل بيان موجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي ايئرفورس جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل وانگ گينگ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي دفاعي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي طريقن خاص طور تي فضائي طاقت ۽ آپريشنل هم آهنگي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايئر چيف معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تاريخي ۽ آزمايل لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ هم آهنگي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل خواهشن تي ٻَڌل آهن. ليفٽيننٽ جنرل وانگ گينگ کي پي اي ايف جي جديد فورس جي ڍانچي، اسٽريٽجڪ قدمن ۽ ان جي آپريشنل نظرئي جي ارتقا بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻنهي فضائي فوجن وچ ۾ دوستيءَ جي مضبوط رشتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ آپريشنل شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. جنرل وانگ گينگ آپريشنل تيارين جي اعليٰ پيشيورايت ۽ پاڪ فضائيه جي جديد ترين صلاحيتن کي ساراهيو. هو پاڪ فضائيه جي ملٽي ڊومين آپريشن جي هموار انضمام کان خاص طور تي متاثر ٿيو، هن ان کي جديد فضائي جنگ جي سُڃاڻپ قرار ڏنو ۽ پي ايل اي اي ايف جي ملٽي ڊومين آپريشن ۾ پاڪ فضائيه جي جنگي تجربي مان سکڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پي اي ايف جي اڳواڻيءَ جي پيشيوراڻي ذهانت ۽ اسٽريٽجڪ سوچ ويچار کي ساراهيندي معزز مهمان ڀارت سان هاڻوڪي تڪرار دوران پاڪ فضائيه جي مثالي ڪارڪردگيءَ کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ ايئر چيف جي پُرعزم اڳواڻيءَ ۾ پي اي ايف جي پائليٽس طرفان ڏنل فيصلائتي ۽ ڀرپور جواب جي تعريف ڪئي ۽ ان کي بنا اشتعال اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ درستگي، نظم و ضبط ۽ جرائت جي نصاب جو مثال قرار ڏنو. اها ملاقات ٻنهي ملڪن جي گهرن ناتن ۽ جدت تي ٻَڌل سهڪار ذريعي آزمايل اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي اڳتي وڌائڻ جي گڏيل عزم جو ثبوت آهي.