ريوڊي جنيرو -08 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش مصنوعي ذهانت (اي آءِ) کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوششن خلاف خبردار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان تيزي سان اڀرندڙ ميدان جي حڪمراني ۾ اسرندڙ ملڪن جي بامعنيٰ شموليت جي برابري ۽ انساني حقن تي ٻڌل گهڻ رخي رد عمل جي ضرورت آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن برازيل جي شهر ريو ڊي جنيرو ۾ منعقد 17هين برڪس سربراهي اجلاس ۾ چيو ته اي آءِ معيشتن ۽ معاشرن کي نئين سر جوڙي رهي آهي. ان تبديلي جي خطرن کي گهٽائڻ ۽ ان جي ڀلائي جي امڪانن کي وڌ کان وڌ ڪرڻ لاءِ حڪمت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پيڪٽ فار دافيوچر (مستقبل لاءِ معاهده) اعتماد ۽ تعاون جي هڪ نئين فريم ورڪ جي قيام جي حمايت ڪري ٿو، جنهن جي شروعات اي آءِ تي گڏيل قومن جي قيادت هيٺ آزاد عالمي سائنسي مشاورتي اداري جي قيام سان ٿئي ٿي. اهو ادارو غيرجانبداراڻو، شاهدن تي ٻڌل رهنمائي فراهم ڪندو جيڪا سمورن ميمبر ملڪن لاءِ رسائي جوڳي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي انتظام هيٺ اي آءِ تي هڪ باقاعده عالمي مذاڪري لاءِ مستقبل جي معاهدي جي مطالبي تي زور ڀريو، جنهن ۾ سمورا ميمبر ملڪ ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شامل هجن.