واشنگٽن – 08 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ تباھه ڪن ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 100 کان وڌي ويو آھي جڏھن ته ريسڪيو اينڊ سرچ آپريشن جاري آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٽيڪساس جي گورنر پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته اڃا به شديد برساتن سبب وڌيڪ ٻوڏ جو خطرو آھي، جنھن سبب فوتگين جي انگ ۾ اضافي جو خطرو آھي. مقامي شيرف جي آفيس ٻڌايو ته سينٽرل ٽيڪساس جي مختلف علائقن ۾ 104 فوتگين جي تصديق ٿي آھي سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقو ڪرڪائونٽي آھي جتي گواڊ الوپ درياهه وھي ٿو، ان ڪائونٽي ۾ 84 ماڻھو فوت ٿيا، جن ۾ 28 ٻار شامل آھن، فوت ٿيلن ۾ 27 ڇوڪريون به شامل آھن جيڪي ڪيمپ مسٽڪ ۾ ترسيل ھيون، اھا ڇوڪرين جي سمر ڪيمپ هئي جتي ٻوڏ وقت اٽڪل 750 ماڻھو موجود ھئا. آمريڪا ۾ اھڙيون سمر ڪيمپس ھڪ پراڻي روايت آھن، جتي ٻار موڪلن دوران ڳوٺاڻن علائقن، پارڪن ۽ ٻيلن ۾ ترسندا آھن. ماھرن جو چوڻ آھي ته نيشنل ويڌر سروس وقت تي اڳڪٿي ڪئي ھئي پر ماحولياتي سائنسدانن مطابق مسئلو وارننگز پھچائڻ ۾ ھو. ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻوڏ کي 100 سالن جي تاريخ جي وڏي آفت قرار ڏيندي تصديق ڪئي آھي ته ھو جمعي ڏينھن ٽيڪساس جو دورو ڪندو. ٻئي پاسي وائيٽ ھائوس موسم بابت ايجنسنين جي فنڊن ۾ موجوده انتظاميا طرفان ڪٽوتين جي وارننگ سسٽم کي ڪمزور ڪرڻ جي حوالي سان ڪيل تنقيدکي رد ڪري ڇڏيو آھي. پريس سيڪريٽري صحافين کي ٻڌايو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي انھن ٻوڏن جو ذميوار قرار ڏيڻ ھڪ شرمناڪ ڪوڙ آھي ۽ ھن قومي سوڳ وقت ان جو ڪو فائدو ناھي. ھن چيو ته نيشنل ويڌر سروس (اين ڊبليو ايس) بروقت ۽ درست اڳڪٿيون ۽ وارننگز جاري ڪيون.