سکر 08 جولا(اي پي پي) سکر بئراج جو گيٽ نمبر 43 پاڻي وھڪري جو دٻاءُ نه سھندي چِٻو ٿي ويو آھي. بئراج جي گيٽن جي تبديلي وارو ڪم ڪندڙ ڪمپني ھنگامي بنيادن تي سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ گيٽ نمبر 43 آڏو ڪافر ڊيم جوڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ايڪسيئن سکر بئراج زاھد مغل ميڊيا کي ٻڌايو ته پھرين مرحلي ۾ چائنا ڪمپني گيٽن جي تبديلي لاءِ سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ گيٽ نمبر 43 کان گيٽ نمبر 59 تائين ڪافر ڊيم جوڙيو هو ۽ گيٽ نمبر 43 جي درپيش مسئلن کي به چائنا ڪمپني ٺيڪ ڪرڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي وئي آهي. ھن چيو ته امڪاني ٻوڏ وھڪرن جي ڪري 43 نمبر گيٽ کي اپ اسٽريم طرفان ٻنڌو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته شيڊيول موجب آڪٽوبر جي مهيني کان گيٽن جي تبديلي واري فيز 2 ۾ متاثر ٿيل گيٽ پڻ تبديل ڪيو ويندو۔ جڏهن ته ان کان اڳ ۾ گيٽ نمبر 47 پڻ لُڙهي ويو هو، جنهن جي پڻ مرمت ڪئي وئي آهي.