اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 17هين اي سي او سربراهي اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏيندي نائب وزيراعظم آذربائيجان جي شهر خانڪندي ۾ وزيراعظم ۽ ساڻس گڏ ايندڙ وفد جي گرمجوشي سان مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار، تازي اعليٰ سطحي مٽاسٽا تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.