اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن چوڌري ذوالفقار علي ڀنڊر، شاهد عثمان ابراهيم، سعد وسيم، اختر شيخ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عابد رضا جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن حڪومتي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملا يونٽ وارو وزير راڻا مبشر اقبال ۽ خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.