ڪراچي-08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري لياري ۾ ڪري پيل عمارت واري ھنڌ جو دورو ڪيو. گورنر ھائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب متاثرن گورنر سنڌ کي چيو ته اوھان پھريان سرڪاري عملدار آھيو جيڪي اسان وٽ اسان جي ڳالھ ٻڌڻ آيا آھيو، اسان کي اوھان تي يقين آھي. گورنر سنڌ چيو تھ منھنجو واعدو آھي اوھان کي اڪيلو نه ڇڏيندس. اوھان لاءِ ھيلپ لائين قائم ڪئي آھي، اوھان مونسان رابطو ڪري سگھو ٿا. بعد ۾ ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته لياري ۾ ڪري پيل عمارت جي متاثرن کي 80، 80 گز جا پلاٽ ڏينداسين. اھو ننڍڙو نذرانو مون طرفان متاثرن لاءِ ھوندو. گورنر چيو ته جن گھرن کي راشن جو مسئلو آھي انھن کي راشن به ڏينداسين. ھن چيو ته نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آھي. ظلم ڪندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو، سنڌ جي وڏي وزير جي ڪاميٽي جي آجيان ڪريون ٿا. ھن چيو ته سنڌ حڪومت فوري رليف لاءِ متاثرن کي مسواڙ تي گھر وٺي ڏي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن کي 6 مھينن جي مسواڙ پنھنجي طرفان ڏئي ان تي خط به سنڌ حڪومت کي لکندس. ھڪ سوال جي جواب ۾ گورنر سنڌ چيو ته ھن نظام کي تبديل ڪريو چھرا بدلائڻ سان ڪجھ نه ٿيندو. ھن چيو ته واقعي تي دلي تعزيت ڪيان ٿو ، عمارت ڊھي پوڻ واري ان واقعي تي ماٺ ڪري نه ويھنداسين.