اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته استحڪام کانپوءِ هدف ملڪي معيشت جي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافو، روزگار جي فراهمي، صنعتي ترقي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافو آهي، ترقي جو اهو ڊگھو سفر اسان سڀني کي محنت ۽ گڏيل تعاون سان طئي ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان صنعتي شعبي جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ معيشت ۽ صنعت جي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل تي مشاورت ڪئي وئي. ملڪ جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن ملڪي معاشي استحڪام تي وزيراعظم جي قيادت ۽ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي اڻٿڪ محنت ڏانهن وڃي ٿو، استحڪام کانپوءِ هدف ملڪي معيشت جي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافو، روزگار جي فراهمي، صنعتي ترقي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافو آهي. هن چيو ته هاڻي اسان کي مقامي سطح تي وسيلا استعمال ۾ آڻيندي معيشت جي ترقي سان پاڪستان کي پاڻڀرو بڻائڻ آهي، ڪاروباري برادري پاران ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ تجويزون انتهائي اهم آهن، هر مهيني ڪاروباري برادري سان باقاعده پاڻ ملاقات ڪري انهن کي ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ مشاورتي عمل جو حصو بڻائيندس، پراميد آهيان ته اسان جون ايندڙ ملاقاتون به اڄ جي ملاقات وانگر بامعنيٰ ۽ ڪارائتيون ٿينديون. وزيراعظم چيو ته هر شعبي جي حوالي سان نجي ڪاروباري نمائندن ۽ ماهرن سان مشاورت ڪئي ويندي، ترقي جو اهو ڊگهو سفر اسان سڀني کي محنت ۽ گڏيل تعاون سان طئي ڪرڻو آهي. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي استحڪام تي حڪومتي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته توهان آءِ ايم ايف سان ڊگهي ۽ صبر واري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پاڪستان جي معيشت کي بچائڻ جي لاءِ پروگرام کي حتمي شڪل ڏني ۽ ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بجيٽ عوام دوست ۽ ڪاروبار ۾ سهولت جي رخ ۾ صحيح قدم آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي شعبي جي ضرورتن سان هم آهنگي اهم آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ سيڙپڪارن ۽ برآمد ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتن جي فراهمي ضروري آهي. شرڪت ڪندڙن حڪومت جي ٽيڪس نظام ۾ سڌارن ۽ ايف بي آر جي بندرگاهن تي شين جي ڪليئرنس جي نطام ۾ شفافيت ۽ تيزي کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي صنعتي ترقي جي لاءِ پاليسي سازي ۾ نجي شعبي جي تجويزن جي شموليت جي قدمن کي ساراهيو. اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن وزيراعظم ۽ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته بجيٽ ۾ دستياب وسيلن ۾ رهندي عام ماڻهو، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪئي وئي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن کي سگهه ڏيڻ جي وسيع صلاحيت موجود آهي، حڪومتي ٽيم نجي شعبي سان حڪومتي پاليسين ۾ سهولت جي آگاهي ۽ رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري ترقي جي سفر تي گامزن آهي، ڪاروباري برادري جي برآمدات جي عالمي منڊين ۾ مقابلي جي لاءِ تياري جي لاڳت بشمول بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي لاءِ قدم تيزي سان جاري آهن، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن سان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ آساني آندي پئي وڃي، حڪومتي ڪاٿي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انفارميشن ٽيڪنالاجي جو جديد ايڪو سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته زراعت سميت ملڪ جي ٻين شعبن ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جديد نظام جوڙيو پيو وڃي، بندرگاهن جي توسيع ۽ گوادر بندرگاهه کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ نجي شعبي خاص طور تي برآمد ڪندڙن سان مشاورتي عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي، زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي، معياري ٻج، مشينري ۽ موجوده دور جي لاڳو جديد نظام کي متعارف ڪرائڻ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. ملاقات ۾ ٽيڪسٽائيل، زراعت، سيمنٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت نجي شعبي جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سردار اويس خان لغاري، علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، حنيف عباسي، جنيد انوار چوڌري، وزيراعظم جو زراعت جي لاءِ ڪوآرڊينيٽر احمد عمير، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا.