ڪراچي-08 جولاءِ (اي پي پي) اسلام آباد، سنڌ، ڪوئيٽا ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽسز پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حلف برداري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو.

حلف برداري جي تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين، وفاقي وزيرن، پنجاب جي وزيراعليٰ، اعليٰ عدليه جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ ججن، وفاقي شرعي عدالت جي ججز، غيرملڪي سفيرن، بارز جي عهديدارن، لاء آفيسرز، سينيئر وڪيلن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

جڏهن ته سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جسٽس جنيد غفار کان سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عھدي جو حلف کڻايو. حلف برداري تقريب پھريون ڀيرو ان ھنڌ تي ٿي جتي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح پھرين گورنر جنرل جي عھدي جو حلف کنيو ھو. قسم کڻائڻ واري سادي ۽ پروقار تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، گھرو وزير ضياءَ لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فيصل رفيق، معاذ محبوب، اسلم پرويز، عامر صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. قسم کڻائڻ واري تقريب ۾ ترڪيه، يو اي اِي، عمان، بحرين، عراق، جاپان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جي قونصل جنرلز به شرڪت ڪئي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار، وڪيلن ۽ ججن سوڌو آءِ جي سنڌ ۽ ناليوارن واپارين ۽ شھر جي معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

جڏهن خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کان چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف ورتو. تقريب ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين خان گنڊاپور پُڻ شريڪ هو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. حلف برداري تقريب ۾ ججن، وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي، آءِ جي پوليس، ڪمشنر پشاور ۽ وڪيلن سميت ٻين شرڪت ڪئي.

جڏهن ته جسٽس روزي خان بڙيچ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ منعقد ٿيل حلف برداري جي تقريب ۾ بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل جسٽس روزي خان بڙيچ کان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. جڏهن ته تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل، صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن مير سليم احمد کوسا، سردار عبدالرحمان کيتران، مير عاصم ڪرد گيلو، نور محمد دمڙ، مير صادق عمراڻي، مير ظهور بليدي، سردار ڪوهيار ڊومڪي، اسفند يار ڪاڪڙ، مير علي مدد جتڪ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ججز جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل، جسٽس اقبال احمد ڪاسي، جسٽس سردار احمد حليمي، جسٽس محمد ايوب خان، جسٽس نجم الدين مينگل، ماتحت عدليه جي ججز، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رئوف عطا ايڊووڪيٽ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر مير عطا الله لانگو، وڪيل برادري، سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.