اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي فرسٽ پوليٽيڪل ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل مفتي نور احمد نور ”پاڪستان افغان سياسي مشاورت“ جي پهرين دور جي ڪامياب پڄاڻي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ان موقعي تي ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ، خدشا ختم ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ باقاعده رابطي تي زور ڏنو.