اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز  شريف ناليواري سماجي شخصيت عبدالستار ايڌي جي نائين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي انسانيت جي خدمت جو بهترين مثال قائم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عبدالستار ايڌي اسان جي قوم جو انمول اثاثو هو، پوري قوم اڄ عبدالستار ايڌي جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته عبدالستار ايڌي نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا جي لاءِ انسانيت سان همدرديءَ جو مثال قائم ڪيو.