اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسپورٽس جرنلسٽس گراس روٽ ليول کان وٺي عالمي مقابلن تائين راندين کي نمايان ڪيو، اسپورٽس جرنلزم جي حوصلا افزائي اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان پاڪستاني جهنڊي هيٺ اهڙي قوم سان واڳيل آهيون جتي بي پناهه ٽيلينٽ موجود آهي. هو مقامي هوٽل ۾ راولپنڊي اسلام آباد جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ”ورلڊ اسپورٽس جرنلسٽس ڊي“ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته اڄ اسپورٽس جرنلسٽس جي حوالي سان اهم ڏينهن آهي، راندين جي سرگرمين کي اجاگر ڪرڻ، انهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ صحتمند مقابلي جي رجحان کي فروغ ڏيڻ ۾ اسپورٽس جرنلزم اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسپورٽس جرنلسٽس گراس روٽ ليول کان وٺي عالمي سطح جي مقابلن ۾ راندين کي نمايان ڪيو ۽ پاڪستان جي راندين جي تاريخ ۾ جيترو به نالو ۽ وقار پيدا ٿيو، ان جي پٺيان اسپورٽس جرنلسٽس جي اڻٿڪ محنت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسپورٽس جرنلزم نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ نوجوان رانديگرن جي لاءِ اميد، حوصلي ۽ عزم جو پيغام ڏنو آهي. هن چيو ته ”اسپورٽس مين اسپرٽ“ ۽ ”اسپرٽ آف دي گيم“ رڳو ميدان ۾ نه پر صحافين جي رپورٽنگ سان جنم وٺن ٿا جيڪي پنهنجي لکڻين ۽ تصويرن جي ذريعي رانديگرن جا حوصلا بلند ڪن ٿا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ارشد نديم جهڙن قومي هيروز جون ڪاميابيون هجن يا پاڪستان جي ڪرڪيٽ، هاڪيءَ ۽ باڪسنگ جون شاندار روايتون، انهن سڀني کي قوم آڏو آڻڻ ۾ اسپورٽس جرنلسٽس جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته راندين جي ڪاميابي ۾ اسپورٽس جرنلزم جي ڪردار کي تسليم ڪندي اسان کي انهن جي مسلسل حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسپورٽس جرنلزم رڳو رپورٽنگ تائين محدود نه آهي، اها انتظامي سطح تي پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پي ٽي وي اسپورٽس ۾ هڪ سينيئر اسپورٽس جرنلسٽس کي اسپورٽس ڊپارٽمينٽ جو سربراهه بڻايو ويو آهي. هن ٻين ميڊيا ادارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي به ان مثبت روايت کي اختيار ڪن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جتي راندين جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي اتي اسپورٽس جرنلزم جي حوصلا افزائي پڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت اسپورٽس جرنلسٽس کي هر ممڪن مدد يا سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته اسان سڀني کي فخر آهي ته اسان پاڪستاني جهنڊي هيٺ اهڙي قوم سان واڳيل آهيون جتي بي پناهه ٽيلنٽ موجود آهي ۽ دنيا تائين اهو پيغام پهچائڻ ۾ توهان جهڙا باخبر، مخلص ۽ محنتي صحافي ئي اصل سفير آهن. هن چيو ته جتي اسان راندين کي فروغ ڏئي رهيا آهيون اتي راندين جي صحافت جي حوصلا افزائي پڻ ڪنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير اسپورٽس جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار اسپورٽس جرنلزم کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا.