اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صوماليه جي نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير عبدالسلام عبدي علي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي ۾ ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه ۽ هڪطرفي قدمن بشمول سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو، ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوماليه جي پرڏيهي وزير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏيندي خطي ۾ ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه ۽ هڪطرفي قدمن بشمول سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. صوماليه جي پرڏيهي وزير صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي علائقائي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ سفارتڪاري جي ذريعي مسئلن جي حل جي اهميت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرن جي حيثيت سان ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.