اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان سلووينيا جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تنجا فوجان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کيس علائقائي صورتحال، ڀارت پاران بي بنياد الزامن جي ترديد ڪندي عالمي قانون کان مٿانهون هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدي جي خاتمي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي وزير فوجان ٻنهي ملڪن کي چيو ته تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ عالمي قانونن موجب سفارتڪاري سان مسئلن کي حل ڪن. هن پاڪستان پاران پهلگام حملي جي آزاداڻي ۽ شفاف جاچ جي آڇ کي ساراهيو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن ٻطرفي لاڳاپن جي جائزي سان گڏوگڏ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.