اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزيرن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب جمهوريه ڪوريا جي پرڏيهي وزير چوتائي يول سان پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه ۽ هڪطرفي قدمن بشمول سنڌ طاس معاهدي جي معطلي سان پيدا ٿيندڙ علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو. صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير چوتائي يول علائقائي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي مسئلن جي حل جي اهميت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرن جي حيثيت سان ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير چوتائي يول گذريل مهيني اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي تياري جي ٽئين اجلاس جي ڪامياب ميزباني کي ساراهيو. هن اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.