اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) پاران پاڪستاني ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز تي ڀارتي گانن جي نشريات بند ڪرڻ جي فيصلي کي ساراهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) جي سيڪريٽري جنرل شڪيل مسعود کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پي بي اي جو اهو محب وطن قدم ساراهه جوڳو آهي جيڪو پوري قوم جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو فيصلو قومي يڪجهتي جي مضبوط جذبي جي عڪاسي، ملڪ جي خودمختياري ۽ وقار کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان سڀ آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ بنيادي قدرن جي فروغ جي لاءِ متحد آهيون. خط ۾ ميڊيا سان واڳيل سمورين ڌرين جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ويو آهي جيڪي قومي مفاد ۾ حڪومتي ڪوششن جو ساٿ ڏئي رهيون آهن ۽ اتحاد، امن ۽ حب الوطني جي فروغ جي لاءِ سرگرم آهن.