اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نيشنل انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) ۽ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي حصيداري سان منعقد پهرين عالمي ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اعليٰ عدليه، حڪومتي نمائندن، ميڊيا ۽ قانوني ماهرن، مزدور قيادت پورهيتن ۽ آجرن جي وچ ۾ هم آهنگي، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو. سپريم ڪورٽ، لاهور هاءِ ڪورٽ، آزاد ڪشمير جي اعليٰ عدالت جي ججز قانون ۽ اسلامي اصولن جي ڏس ۾ مزدورن جي حقن تي زور ڏنو جڏهن ته سرڪاري ادارن ۽ ميڊيا سربراهن پاليسي ۽ اداراجاتي سطح تي ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. مزدور اڳواڻن ميدان عمل جي مشڪلاتن ۽ بهتري جون تجويزون پيش ڪيون، آءِ ايل او سميت عالمي ادارن تعاون جي خاطري ڪرائي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت، قانوني سڌارا ۽ عملي قدم لازمي آهن. مئي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد پهرين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اين آءِ ار سي جي چيئرمين جسٽس (ر) شوڪت عزيز صديقي مزدورن جي حقن ۽ قومي صنعت جي بقاءَ کي لازمي قرار ڏيندي چيو ته اين آءِ آر سي جو بنيادي مقصد مزدورن جي قانوني ۽ معاشي مفادن جو تحفظ ڪندي صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي صنعتي ترقي انهي وقت ممڪن آهي جڏهن مزدور کي عزت، تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته اين آءِ آر سي نه رڳو مزدورن ۽ مالڪن جي وچ ۾ تڪرارن کي حل ڪرڻ جو پليٽ فارم آهي پر هي ادارو هڪ اهڙي پل آهي جيڪا گڏيل اعتماد ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏي ٿي. هن ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن خاص طور تي عدليه، حڪومتي ادارن، مزدور قيادت ۽ عالمي تنظيمن جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي ته اهي گڏيل ڪوششون پاڪستان ۾ هڪ منصفاڻي، پائيدار ۽ انساني وقار تي ٻڌل صنعتي نظام جو بنياد رکنديون. سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال خان مندوخيل زور ڏنو ته قانون ۽ اسلام جي نظر ۾ مالڪ ۽ مزدور برابر آهن ۽ سپريم ڪورٽ انهن جي حقن جي آخري محافظ آهي. هن کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن جي لاءِ اداراجاتي تحفظ جي کوٽ تي افسوس جو اظهار ڪندي انهن جي ڀلائي لاءِ قانوني ۽ انتظامي سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته هڪ جج کي قانون موجب فيصلو ڏيڻو هوندو آهي، پر انصاف رڳو عدالتن تائين محدود نه آهي، هر شخص کي پنهنجي عمل سان انصاف يقيني بڻائڻ گهرجي. هن پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 17 جو حوالو ڏيندي چيو ته انجمن سازي جو حق بنيادي آئيني حق آهي ۽ مزدور تنظيمن کي گهرجي ته اهي قانوني حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ هم آهنگي کي به فروغ ڏين. هن چيو ته ملازمن ۽ مالڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن ۽ گڏيل مشاورت سان عدالتن ۾ مزدورن جي ڪيسن جي وڌندڙ انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جواد حسن پاڪستان جي مزدور قانونن جي حوالي سان قانوني ڍانچي کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ 1969ع جي انڊسٽريل ريليشنز آرڊيننس سان مزدور قانونن جي هڪ مثبت روايت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مزدورن جي حقن بابت اٽڪل سمورن 48 عالمي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. ناليواري قانوني ماهر بئريسٽر ڊاڪٽر ظفرالله خان قرآن مجيد جو حوالو ڏيندي چيو ته انبياءَ جو مشن انصاف جو قيام هو. هن چيو ته اسلامي تعليم موجب محنت سان ڪمايل حلال روزيءَ رڳو جائز ئي نه پر عبادت آهي، اسلام غلامي تي ٻڌل مزدور نظام کي آزادي، برابري ۽ وقار جي اصولن سان بدلايو. افتتاحي ويهڪ کانپوءِ هڪ ٽيڪنيڪي ويهڪ ٿي جنهن ۾ ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جو چوڻ هو ته جڏهن ماڻهو پنهنجي نمائندن جي چونڊ ۾ احتياط ڪندا ۽ سٺن ماڻهن کي سامهون آڻيندا ته ٻئي طرف اداري جو سربراهه جائز مطالبن جو احترام ڪندو ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا. ٽريڊ يونين به بهتر ڄاڻي ٿي ته ڪهڙو مطالبو تسليم ٿيڻ وارو آهي ۽ ڪهڙو تسليم ٿيڻ وارو نه آهي، هر مطالبو تسليم به ناهي ٿيندو. زرعي ترقياتي بئنڪ جي صدر طاهر يعقوب ڀٽي چيو ته زيڊ ٽي بي ايل ۾ ٽريڊ يونين سان خوشگوار لاڳاپا آهن. پاڪستان ريلويز جي ايڊيشنل سيڪريٽري شعيب عادل چيو ته ريلوي ۾ 58 هزار ملازم آهن جن جي لاءِ 21 فعال يونينز آهن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي فيصل نثار چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن هڪ منافعو ڏيندڙ ادارو آهي، ان هدف کي حاصل ڪرڻ سان ئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. مزدور يونين جي نمائندن خورشيد احمد، انجم شهزاد، سيد نذر علي شاهه، شمس الرحمان سواتي، چوڌري محمد ياسين، چوڌري منظور حڪومت تي زور ڏنو ته اها پاڪستان جي آئين، آءِ ايل او، يو اين ۽ يورپين يونين معاهدن موجب ليبر قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي. ان نوعيت جي ڪانفرنسز جو تسلسل وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، اسان جا ڪيترائي مسئلا هن پليٽ فارم تان به حل ٿي سگهن ٿا. تقريب ۾ وڏي انگ ۾ مزدورن، قانوني ماهرن ۽ معزز شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس (ر) ميان شاڪر الله جان، پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سيد عتيق شاهه، آءِ ايل او پاڪستان جو ڪنٽري ڊائريڪٽر گير ٿامس ٽونسٽول ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري سلمان منصور صديقي شامل هئا.