اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حوالدار لالڪ جان شهيد نشان حيدر جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪارگل جنگ دوران حوالدار لالڪ جان شهيد نشان حيدر پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري عظيم قرباني ڏني، دشمن جو حملي حوالدار لالڪ جان جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. وزيراعظم چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد جي بهادري، شجاعت ۽ فرض شناسي نئين نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي، پاڪ فوج جا شهيد ۽ انهن جا گهرڀاتي مون سميت پوري جو فخر آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.