اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد جي بهادري ۽ حب الوطني سدائين ياد رکي ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر شهيد جي بي مثال بهادري، جرئت ۽ قرباني کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته لالڪ جان شهيد جي قرباني ايندڙ نسل جي لاءِ جرئت ۽ عزم جو روشن مثال آهي.ص در چيو ته قوم اڄ ڪارگل جنگ جي عظيم هيرو حوالدار لالڪ  جان شهيد (نشان حيدر) جي جرئت ۽ عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته لالڪ جان شهيد شديد زخمي هجڻ جي باوجود دشمن جا حملا روڪيا ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. صدر چيو ته اسان پنهنجي بهادر فرزند لالڪ جان شهيد جي عظيم قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا، قوم کي پنهنجي عظيم فرزند لالڪ جان شهيد جي قرباني تي فخر آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته لالڪ جان شهيد جي قرباني پاڪستان جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکي ويندي ۽ سدائين ياد رکي ويندي.