اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي گلگت بلتستان جي عظيم سپوت حوالدار لالڪ جان (نشان حيدر) جي يوم شهادت تي کيس عقيدت جو سلام پيش ڪندي چيو آهي، ته نشانِ حيدر جو اهو عظيم وارث پاڪستان جي عسڪري وقار، قومي خودمختياري ۽ استحڪام جي روشن علامت آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته  حوالدار لالڪ جان شهيد بي مثال جرئت سان وطن جي دفاع جو روشن باب رقم ڪيو، سندس شجات وارو داستان آخرت تائين قوم جو فخر ۽ تاريخ جو اثاثو رهندو. گهرو وزير چيو ته دشمن سامهون سينو تاڻي بيٺل هي سپاهي مادر وطن جي سرحدن جو ناقابل فراموش نگهبان بڻجي هميشه لاءِ امر ٿي ويو، اڳيان مورچن تي وڃي دشمن سامهون ڄمي بيٺل ان جوان بهادري ۽ حب الوطني جو اعليٰ ترين مثال قائم ڪيو. محسن نقوي چيو ته دشمن جي شديد گولا باري ۾ زخمي ٿيڻ باوجود مورچو نه ڇڏيندڙ ان بلند حوصلي واري سپاهي ثابت قدمي سان اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو تاريخ جي سيني تي هميشه نقش رهندو. دشمن جي يلغار جو مردانگي سان مقابلو ڪندڙ لالڪ جان اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهي. گهرو وزير چيو ته جنگي تاريخ ۾ اهڙا سپاهي ناياب هوندا آهن جن جي قدمن سان وفا، جرئت ۽ قرباني جي خوشبو ڦٽندي آهي ۽ لالڪ جان انهن لازوال سپاهين مان هڪ هو.  هن چيو ته لالڪ جان جي بي مثال دليري ثابت ڪيو ته قومون شهيدن جي جذبي سان جنگيون کٽنديون آهن، نشانِ حيدر جو اهو عظيم وارث پاڪستان جي عسڪري وقار، قومي خودمختياري ۽ استحڪام جي روشن علامت آهي. محسن نقوي چيو ته لالڪ جان شهيد قوم جو هيرو آهي ۽ هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. قوم جو سلام آهي ان جوان مرد کي جنهن شجاعت جي آخري حد کي ڇهي شهادت ماڻي.