اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته حوالدار لاڪ جان ڪارگل جي محاذ تي جرئت ۽ بهادري جو لازوال داستان رقم ڪيو، ملڪ جي دفاع لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ قوم جا حقيقي هيرو آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق حوالدار لالڪ جان شهيد جي 26هين يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد جو نالو هميشه زنده  رهندو. هن مادر وطن جي دفاع لاءِ شهادت جو درجو ماڻيو.  اسپيڪر چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ  حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ قوم جا حقيقي هيرو آهن. پاڪ فوج جي بهادر سپوتن ملڪي دفاع لاءِ هميشه پنهنجون حياتيون نڇاور ڪيون آهن. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن الله تعاليٰ کان حوالدار لالڪ جان شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.