اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر پاران مصنوعي ذهانت (اي آءِ) تي ٻڌل ڪسٽمز ڪليئرنس ۽ رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم (آر ايم ايس) متعارف ڪرائڻ کي ساراهيندي چيو آهي ته ان سان ڪاروبار ۾ آساني ۽ ٽيڪس باقيدارن جي لاءِ سهولت ٿيندي جڏهن ته نظام ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايف بي آر جي جاري سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم نئين رسڪ مئنيجمينٽ نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نظام سان ڪاروبار ۾ آساني ۽ ٽيڪس باقيدارن جي لاءِ سهولت ٿيندي، ٽيڪس نظام کي خودڪار بڻائڻ سان ان ۾ شفافيت ايندي، ان کي وڌيڪ موثر بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم نئين نظام کي ٺوس ۽ پائيدار بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ايف بي آر جا سڌارا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ سان نظام وڌيڪ موثر ۽ وقت ۽ پئسي جي بچت ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نئين نظام تحت شين جي درآمد ۽ برآمد دوران لاڳت ۽ نوعيت جو ڪاٿو مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۽ باٽس (BOTS) ڪندا، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل نئون رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم شين جي اچ وڃن سان گڏوگڏ مشين لرننگ سان خودڪار طريقيڪار سان بهتر ٿيندو رهندو، نئين نظام جي شروعاتي ٽيسٽنگ دوران 92 سيڪڙو کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي سامهون آئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نظام جي شروعاتي ٽيسٽنگ ۾ نه رڳو ٽيڪس وصولي جي لاءِ 83 سيڪڙو وڌيڪ گڊز ڊڪليئريشن (جي ڊي) جو تعين ٿيو پر اڍائي ڀيرا وڌيڪ گڊز ڊيڪليئريشن جي گرين چينل جي ذريعي ڪليئرنس مڪمل ٿي، نئين رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم سان نظام ۾ شفافيت ايندي، انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ تر ٿيندي ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته نئين نظام جاري ڪرڻ سان شين جي تعين ۽ ان جي لاڳت جو فوري ۽ موثر ڪاٿو لڳندو جنهن سان وقت جي بچت ٿيندي ۽ ان جي لاڳو سان ڪسٽمز عملدارن تي دٻاءُ گهٽ، نظام ۾ شفافيت ۽ بهتري ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سهولت ملندي. اجلاس کي مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ ٽيڪس وصولي وڌائڻ جي لاءِ وڊيو ايناليٽڪس تي ٻڌل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ان نظام سان انهن شعبن ۾ ٽيڪس جي وصولي خودڪار ۽ شفاف انداز سان ڪري سگهبي جنهن سان حڪومتي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٽيڪس باقيدار انساني مداخلت کانسواءِ پنهنجو ٽيڪس ادا ڪري سگهندا. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته اهو نظام لاڳت ۾ گهٽ آهي ۽ شروعاتي ٽيسٽنگ دوران 98 سيڪڙو ايفيشنٽ ڏٺو ويو. اجلاس کي مينوفيڪچرنگ شعبن ۾ نظام جي لاڳو کانپوءِ ٽيڪس جي لاڳت ۾ اضافي جي صلاحيت جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو.