اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت سان ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت سان ڇڪتاڻ جي ڏس ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ اشتعال انگيز بيانن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي رويي سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي، پاڪستان ملڪ جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو، پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ڪنهن به خطري يا جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملاقات ۾ ڀارت جي جارحاڻي رويي، ڪنهن به امڪاني جارحيت تي پاڪستان جي ردعمل جو پڻ جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ پهلگام حملي جي حوالي سان ڀارتي قيادت پاران بنا ڪنهن جاچ جي هنيل الزامن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو، بي پناهه انساني ۽ معاشي نقصانن کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي برادري دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ عسڪريت پسندن کي فنڊنگ، تربيت ۽ موڪلڻ ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جو نوٽيس وٺي. صدر ڀارتي بي بنياد الزامن تي حڪومت جي ردعمل ۽ ذميواراڻي انداز ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اهم قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو. ملاقات ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. وزيراعظم ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ صدر جي صحت بابت پڻ معلوم ڪيو.