ڪراچي -01 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٻار ۽ ماءُ جي صحت جي حوالي سان ضلع ملير ۾ 578.39 ملين روپين جي لاڳت سان هڪ پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهيون هي منصوبو اسڪولن جي 11 هزار پرائمري شاگردن کي روزانو کاڌو فراهم ڪندو جن ۾ ڪچي کان پنجين ڪلاس تائين ٻار شامل آهن جيئن انهن جي تعليم، حاضري ۽ غذائيت ۾ بهتري اچي سگهي.اهڙو اظهار هن ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مسز ڪوڪو اوشياما سان ملاقات دوران ڪيو۔ هي ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ قومي واڌ ويجهه ۽ ممتا پروگرامز کي مضبوط بڻائڻ تي به بحث ڪيو ويو. ان کان علاوه اسڪولن ۾ غذائي فراهمي جا نوان منصوبا آڻڻ لاءِ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جو فيصلو به ٿيو.مسز اوشياما سنڌ ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جي موجوده پروگرامز، خاص طور تي ماءُ ۽ ٻار جي غذائيت تي تفصيل سان روشني وڌي. هنن جسماني واڌويجهه جي گهٽتائي، ڪمزوري، مشروط روڪ رقم ۽ غذائي سپليمنٽ جي ورڇ تي زور ڀريو ته جيئن غذائي کوٽ جو خاتمو ٿي سگهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ سنڌ حڪومت جي صحت تي ٻڌل قدمن جو ذڪر ڪيو۔ ملاقات ۾ ٻنهي پروگرامن ۾ خدشن بابت ڳالهايو ويو ۽ ان معاملي تي بحث پڻ ٿيو. ان ۾ چيو ويو ته جيتوڻيڪ ڪجهه خدشا موجود آهن پر ٻنهي پروگرامن جو ڊزائين گهڻو ڪري هڪٻئي جي لاءِ مددگار آهن. واڌويجهه بنيادي طور تي خوراڪ جي سپليمنٽ تي ڌيان ڏئي ٿو جڏهن ته ممتا پروگرام مالي مدد فراهم ڪري ٿو. ٻنهي پروگرامن جي بهتر هم آهنگي لاءِ ٽن اهم قدمن تي اتفاق ٿيو ٻنهي پروگرامن جي ٽيڪنيڪل ڊزائين جو جائزو وٺڻ ۽ شرطن کي هم آهنگ ڪرڻ، جيئن جامع خدمتون مهيا ٿي سگهن؛ هڪ ٻه طرفي ڊيٽا شيئرنگ نظام قائم ڪرڻ، جيئن خدشن جي سڃاڻپ، وسيلن جي استعمال کي بهتر بڻائي ۽ خدمتن ۾ تنگيون ختم ڪري سگهجن ۽ هڪ گڏيل رجسٽريشن ۽ هدف بندي جو فريم ورڪ تيار ڪرڻ ته جيئن مستحقن جي سڃاڻپ ۽ خدمتن جي فراهمي آسان بڻائي سگهجي. وڏي وزير ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي وفد پڻ مستقبل ۾ موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ خاص طور تي سنڌ جي پٺتي پيل طبقن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو . اسڪولن ۾ کاڌي جي منصوبي تحت سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام گڏجي 2025-26 تعليمي سال لاءِ هڪ سال وارو پائلٽ پروگرام لاءِ 578.39 ملين روپيا گڏجي فراهم ڪندا. ان مان سنڌ حڪومت 462.71 ملين روپيا (80 سيڪڙو) ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام 115.68 ملين روپيا (20 سيڪڙو) فراهم ڪندا. هن منصوبي جو مقصد اسڪولن ۾ بک کي گهٽائڻ، شاگردن جو ڌيان ڇڪرائڻ، تعليمي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ نياڻين جي تعليم کي وڌائڻ آهي، جيئن جنس جي فرق کي گهٽائي سگهجي. هڪ سينٽرل باورچي خانو قائم ڪيو ويندو جتي کاڌو تيار ڪرڻ، پيڪ ڪرڻ ۽ ورهايو ويندو. کاڌن ۾ داليون، چانور يا مانيءَ، ڀاڄي ۽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ميوو شامل هوندا. سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ هڪ مخصوص فوڊ سيڪيورٽي آفيسر صفائي ۽ غذائيت جي معيار کي يقيني بڻائيندا. ورلڊ فوڊ پروگرام ان جي نگراني، جائزو ۽ رپورٽنگ هڪ ٿرڊ پارٽي ڪنٽريڪٽر ذريعي ڪندو. پائلٽ پروگرام خاص طور تي ملير جي انهن اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو جن وٽ بنيادي ڍانچو، صاف پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون موجود آهن ۽ جتي شاگردن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ حد تائين آهي. مؤثر نگراني لاءِ هڪ نظام جوڙيو ويندو جيڪو داخلائن، حاضري سروس تي نظر رکيو وڃي ته جيئن روزانو 70 سيڪڙو حاضري برقرار رهي سگهي. تعليم جي انتظامي معلوماتي نظام ۽ اسڪولن جي رڪارڊز مان ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي ته جيئن اثرن جو جائزو ورتو وڃي. وڏي وزير زور ڀريو ته هي منصوبا رڳو تعليمي فائدن لاءِ نه پر غذائي کوٽ گهٽائڻ، مقامي روزگار پيدا ڪرڻ، خوراڪ جي فراهمي کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪميونٽي فوڊ سسٽمز کي مضبوط ڪرڻ ۾ پڻ ڪارگر ثابت ٿيندو. هن چيو ته هي پروگرام خاص طور تي نياڻين کي بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪولن ۾ شرڪت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدمن کي فروغ ڏيندو. مراد علي شاهه چيو ته پائلٽ ماڊلز کي سمجهڻ ۽ سنڌ ۾ ان کي وڌائڻ لاءِ اهم بصيرت مهيا ڪندو.ملاقات ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، ۽ تعليم، سماجي ڀلائي ۽ صحت جا سيڪريٽري پڻ موجود هئا، جڏهن ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي وفد ۾ صوبائي آفيس جي سربراهه مسز هِلڊ برگسامه ۽ پاليسي آفيسر سلميٰ يعقوب شامل هيون.