اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي ڀارت جي ڪوششن کي رد ڪريون ٿا ۽ واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي پنهنجي آڇ جو ورجاءُ ڪريون ٿا، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڻي جارحيت تي شديد خدشا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم قطر جي امير پاران پاڪستان جي لاءِ يڪجهتي ۽ حمايت جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاس آهي، تي ان جا ٿورا مڃيا. ڏکڻ ايشيا ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي هر شڪل جي مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني قوم جي قربانين کي اجاگر ڪيو. هن بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي ڀارت جي ڪوششن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي پنهنجي آڇ جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعطم ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان پاڻي جارحيت تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو جنهن کي هن ناقابل قبول قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڻي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي لائيف لائين آهي. گذريل هڪ سال دوران پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال تي روشني وجهندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي اهڙي وقت ۾ جڏهن هو معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، اهڙي ڪنهن به واقعي ۾ ملوث ٿيڻ سان ڪو فائدو حاصل نه ٿيندو. قطر جي امير ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لا3 پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته قطر موجوده بحران ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.