اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستاني شهرين جُون ويزائُون ملتوي ڪرڻ جو ڀارتي فيصلو سنگين انساني چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي. ڀارت مان واپس ايندڙ پاڪستاني شهرين جي لاءِ واهگه بارڊر ڪراسنگ جي دستيابي بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستاني شهرين جُون ويزائُون ملتوي ڪرڻ جو ڀارتي فيصلو سنگين انساني چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي، ڪيترائي مريض جن جي صحت خراب هئي، کي پنهنجو علاج مڪمل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان واپس اچڻو پيو آهي. ترجمان چيو ته ان سان گڏوگڏ خاندانن جي ورڇ ٿيڻ ۽ ٻارن جي پنهنجي والدين مان ڪنهن هڪ کان جدا ٿيڻ جا اطلاع آهن. واهگه اٽاري بارڊر ڪراس ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 اپريل هئي. هن چيو ته ان ڏس ۾ ميڊيا جي انهن رپورٽس کان آگاهه آهيون جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه پاڪستاني شهري اٽاري ۾ ڦاٿل آهن، جيڪڏهن ڀارتي عملدار انهن کي پنهنجي طرف کان سرحد پار ڪرڻ جي اجازت ڏين ٿا ته اسان پنهنجي شهرين جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. ترجمان چيو ته واهگه بارڊر مستقبل ۾ به پاڪستاني شهرين جي لاءِ کليل رهندو.