رياض-01 مئي (اي پي پي) مڪه مڪرمه ريجن ۾ سيڪيورٽي فورسز سوشل ميڊيا تي حج مهم جي جعلي ۽ گمراهه ڪندڙ اشتهارن ذريعي دوکو ڏيڻ جي الزام ۾ چئن چيني شهرين کي گرفتار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدارن پنهنجي اشتهارن ۾ مقدس ماڳن اندر حج پانڌيئڙن لاءِ رهائش ۽ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. مڪه پوليس اهڙي جي هڪ ٻي واقعي ۾ يمني ۽ هڪ مصري کي به حراست ۾ ورتو آهي. انهن تي ڪوڙي حج مهم لاءِ گمراهه ڪندڙ اشتهار پوسٽ ڪرڻ ۽ حج پانڌيئڙن کي خدمتون فراهم ڪرڻ جي ڪوڙي آڇ جو الزام آهي، سمورن جوابدارن کي قانوني ڪارروائي کانپوءِ پبلڪ پراسيڪيوشن جي حوالي ڪيو ويو آهي.