لنڊن-01 مئي (اي پي پي) برطانيه چيو آهي ته فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ ممڪن آهي ۽ برطانيه فسلطين کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪنهن جو انتظار نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ لامي لنڊن ۾ هائوس آف لارڊز ۾ ٻڌڻي دوران اهو به چيو ته هي اعتراف صرف هڪ علامتي قدم جو ناهي پر ٻه رياستي حل طرف هڪ حقيقي سياسي راهه جو حصو هجڻ گهرجي. هن زور ڀريندي چيو ته فلسطيني مسئلو هڪ منصفاڻو مسئلو آهي. فلسطيني پنهنجي ئي وطن جا حقدار آهن. هن چيو ته فلسطيني رياست جي سڃاڻپ پنهنجي چونڊ پروگرام ۾ ليبر پارٽي جي واعدن ۾ شامل آهي. هن اهو به اعلان ڪيو ته واحد آپشن ٻه رياستي حل آهي ۽ اسان فرانس ۽ سعودي عرب ۾ پنهنجي حصيدارن سان گڏجي ٻه رياستي حل کي زنده رکڻ لاءِ ٻه رياستي حل تي نيويارڪ ڪانفرنس طرف ڪم ڪندا رهنداسين. هن چيو ته اعتراف جو معاملو ختم ناهي ٿيو پر هي هڪ حقيقت پسنداڻي سياسي حل طرف قدم آهي. زمين تي ٺوس اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ ۾ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر جي حيثيت سان برطانيه جو ڪردار آهي.