ڪراچي-01 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پورھيتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شڪاگو جي پورھيتن جي عظيم قرباني کي پوري دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پهريون مئي اسان کي پورھيتن جي جائز حقن جي تحفظ ۽ انهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته پورھيت ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگي جي حيثيت رکن ٿا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پهرين ڏينهن کان پورهيت طبقي جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي بهبود لاءِ سرگرم عمل رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي حقيقي معنيٰ ۾ پورھيتن جي نمائنده سياسي جماعت آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پهرين جولاءِ 2024ع کان سڀني پورھيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماھوار اجرت 37 هزار رپيا مقرر ڪئي آهي، جيڪو قدم سندن زندگيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ ڏانهن اهم واٽ آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پورھيتن جي حقن ۽ بهبود لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، جن ۾ گهريلو ملازمن سميت سڀني پورھيتن جي رجسٽريشن مهم جو آغاز شامل آهي. هن ٻڌايو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ ورڪرز ماڊل اسڪولز ۽ ورڪرز انٽرميڊيئيٽ ڪاليجن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جتي پورھيتن جي ٻارن کي مفت ڪتاب، يونيفارم ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وڏي وزير چيو ته سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ذريعي پورهيتن لاءِ رهائشي اسڪيمون ۽ اسڪالرشپس پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن جي تحفظ لاءِ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي جنهن ذريعي ملازمن ۽ سندن خاندانن کي علاج جون سهولتون ۽ حادثن جي صورت ۾ سڌي مالي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پورهيتن کي باوقار زندگي مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن واپارين، صنعتڪارن ۽ سول سوسائيٽي کي اپيل ڪئي ته هو پورھيتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ حڪومت سان سندن ڀرپور سهڪار جاري رکن.