تهران-30 اپريل (اي پي پي) ايران چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ان تي حملو ڪيو ته نتيجو پوري خطي جي تباهيءَ جي صورت ۾ نڪرندو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته اسرائيل امريڪا جي اجازت کانسواءِ ڪابه مهم نه هلائي سگهندو، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران تي حملو ڪيو ويو ته ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪنداسين.