ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ زرعي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ چاهي ٿي جنهن ۾ زرعي مشينري جو استعمال (فارم ميڪنائيزيشن)، ڪڻڪ ۽ چانورن جي فصلن لاءِ زرعي سبسڊي شامل آهن. هن مقصد لاءِ هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ننڍن هارين لاءِ هڪ چئن سالن وارو پيڪيج تيار ڪري. وڏي وزير فصلن جي منصوبي لاءِ پاڻي جي دستيابي کي سمجهڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته هارين کي منافعي بخش فصلن جي پوک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هاؤس ۾ زراعت، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته “فارم ميڪنائيزيشن” تحت هڪ کان 25 ايڪڙ زمين رکڻ وارن ننڍن هارين لاءِ “ليزر ٽيڪنالاجي سان زمين جي برابري” ۽ “هٿرادو لاباري واري اوزار” جهڙي مشينري متعارف ڪرائي وڃي. هن چيو ته زمين جي برابري (ليولنگ) جي سهولت انهن هارين کي ڀاڙي تي فراهم ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ ۽ چانورن جي فصلن لاءِ ٻج، ڀاڻ ۽ جڙي ٻوٽيون يا جيت مار دوا تي رعايت ڏئي سگهجي ٿي خاص طور تي انهن هارين کي جن وٽ هڪ کان 25 ايڪڙ زمين آهي. مراد علي شاهه نشاندهي ڪئي ته ليزر ٽيڪنالاجي ذريعي زمين کي برابر ڪرڻ سان 20 کان 30 سيڪڙو آبپاشي جو پاڻي بچائي سگهجي ٿو. هن طريقي سان پيداوار ۾ 6 کان 10 سيڪڙو تائين واڌ ممڪن آهي ۽ آبپاشي جو وقت 50 سيڪڙو تائين گهٽجي وڃي ٿو. نتيجي ۾ هارين جي آمدني ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه “هٿراڌو لڻڻ وارو اوزار” بابت ٻڌايو ته هڪ تحقيق موجب هن اوزار جي استعمال سان لاباري جي وقت ۽ مزدوري ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ٿي. هي اوزار 90 کان 95 سيڪڙو تائين ٻج جي صحيح جاءِ ۽ وچولي فاصلي کي يقيني بڻائي ٿو جيڪا هارين جي جسماني مشقت ۾ 40 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي ٿو. هن چيو ته هن پلانٽر جي استعمال سان پيداوار ۾ 10 کان 20 سيڪڙو واڌ ممڪن آهي ۽ مٽي جي خرابي ۽ لاباري ۾ 20 کان 30 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي ۽ لاباري جي خرچن ۾ 5 کان 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هڪ کان 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين جي مجموعي زمين 3552980 ايڪڙ آهي. اهي تقريبن 35 لک ايڪڙ زمين کي برابر ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي منصوبي ۾ 2961 ليزر ليولرز گهربل هوندا. وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زرعي جنسن تي رعايت جي نتيجي ۾ ڪڻڪ ۽ چانورن جي پيداوار ۾ خاطرخواهه واڌ ممڪن آهي. ٻج تي رعايت سان پيداوار ۾ 13 سيڪڙو، ڊي اي پي ۽ يوريا تي رعايت سان 5 سيڪڙو ۽ جڙي ٻوٽين ۽ جيت مار دوائن تي رعايت سان پڻ 5 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي پوک 31 لک ايڪڙن ۽ چانورن جي پوک 20 لک ايڪڙن جي ايراضي تي ٿيندي آهي. ڪڻڪ لاءِ 38 لک مڻ ۽ چانورن لاءِ 9.9 لک مڻ ٻج گهرجي. ان جي ڀيٽ ۾ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جا 32 لک مڻ ۽ چانورن جو 9 لک 42 هزار 577 مڻ ٻج موجود آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڻڪ جي ٻج ۾ 6 لک مڻ ۽ چانورن جي ٻج ۾ 45 هزار 423 مڻ جي گھٽتائي آهي. ان تي وڏي وزير زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هر ممڪن طريقي سان تصديق ٿيل ٻج جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، زراعت واري وزير محمد بخش مهر، وڏي وزير جي صلاحڪار سيد قاسم نويد، خوراڪ بابت صلاحڪار جبار خان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو بقاءُ الله انڙ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري زراعت سهيل قريشي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.