اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر ملاقات ڪئي ۽ تازي علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير قومي مفادن جو تحفظ ڪندي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آمريڪي ناظم الامور ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي آمريڪي خواهش کان آگاهه ڪيو ۽ اهو ته هو بدلجندڙ صورتحال تي ٻنهي ملڪن سان ڳنڍيل رهندو.