اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطنت اومان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس موجوده علائقائي صورتحال تي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيز پروپئگنڊه، غيرقانوني هڪطرفا قدم ۽ سنڌ طاس معاهدي جي معطلي عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. اومان جي پرڏيهي وزير مسئلن جي حل لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ايران ۽ آمريڪا جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اومان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.