نيلم/شارده-30 اپريل (اي پي پي) گلگت بلتستان، ڪشمير معاملن ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته ڪنٽرول لائن جو عوام اڪيلو ناهي، پوري قوم، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪ فوج اوهان سان گڏ آهي، اسان جي خواهش امن آهي، ڀارت جنگ شروع ڪئي ته سڄي قوم پاڪ فوج سان گڏجي ڀارت کي شڪست ڏيندي. ڀارت ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڪشمير مسئلي کي ختم نٿو ڪري سگهي، ڀارت اقليتن جي مسئلن تان ڌيان هٽائڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ لاءِ نفسياتي جنگ شروع ڪئي آهي، پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان ڪشميرين جي محبت جا ٿورائتا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لائن آف ڪنٽرول جي علائقي شارده ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر طرفان منعقد يڪجهتي ڪشمير جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. شاهه غلام جي دعوت تي نيلم جو دؤرو ڪرڻ جو مقصد لائن آف ڪنٽرول تان ڀارت کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان ڪشميرين سان گڏ آهيون ۽ سندن آزاديءَ لاءِ آخري حد تائين وينداسين. پاڪستاني قوم جو جذبو ۽ پاڪ فوج جي عزم کي دنيا جي ڪابه طاقت شڪست نٿي ڏئي سگهي. ڪي پي ڪي جي عوام ڪشمير جي آزاديءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نيلم ويلي جي عوام جي پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان محبت مثالي آهي، سڄي قوم پاڪ فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڀارت خلاف هڪ پيج تي آهي. پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ سڄي قوم سياسي اختلافن کي پوئتي رکندي ڀارت خلاف هڪ آهي. هن چيو ته لائن آف ڪنٽرول جي علائقن جي عوام جي پاڪستان ۽ پاڪ فوج سان جذبي کي سلام پيش ڪريان ٿو. پهلگام واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا، پاڪستان هر فورم تي ڪشميرين کي بنيادي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو ۽ـ ڪشمير جي آزاديءَ کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽندو. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي قدمن کي رد ڪيون ٿا. ڀارت کي ڪشميرين جي خواهشن مطابق ڪشمير جو فيصلو ڪرڻو پوندو. اسان پُرامن آهيون ۽ جنگ نٿا چاهيون پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته هميشه وانگر ڀارت کي شڪست ڏسڻي پوندي.