ماسڪو-30 اپريل (اي پي پي)اڪيڊمي ايوارڊ يافته ناليواري آمريڪي هدايتڪار اسڪرين رائيٽر ۽ فلسماز اوليورسٽون انڪشاف ڪيو آهي ته يوڪرين جنگ دوران روس ۽ آمريڪا ايٽمي جنگ جي ڪناري تي پهچي چڪا هئا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ماسڪو ۾ ناليج ڊاٽ فرسٽ تقريب ۾ روس جي شاگردن کي خطاب ڪندي هن يوڪرين جنگ ۾ آمريڪا جي ڪردار سان گڏوگڏ اولهه ميڊيا ۾ ان جنگ جي ڪوريج تي به تنقيد ڪئي. هن چيو ته ٽن سالن دوران روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ان سطح تي پهچي وئي آهي جيڪا 1962ع ۾ ڪيوبا جي ميزائيل بحران دوران هئي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن ڀيري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جا امڪان وڌيڪ آهن. واضح رهي ته آمريڪا ۽ اڳوڻي سويت يونين ڪولڊ وار جي عروج تي ان وقت اٽڪل هڪ ايٽمي تڪرار جي ڪناري تي پهچي ويا هئا، جڏهن آمريڪا ترڪيه ۾ پنهنجا ايٽمي هٿيار لڳايا ۽ ان جي جواب ۾ اڳوڻي سويت يونين پنهنجا ايٽمي هٿيار ڪيوبا منتقل ڪيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪٻئي جي مخالفت ۾ پنهنجي وسيلن جو تمام گهڻو زيان ڪندا آهيون، هن اعتراف ڪيو ته گذريل ٽن سالن دوران يوڪرين جنگ ۽ روس جي حوالي سان اولهه جي ميڊيا جي ڪوريج ڇرڪائيندڙ هئي. واضح رهي ته ناليواري فلم اسٽار اوليور سٽون 2016ع ۾ يوڪرين آن فائر نالي دستاويزي فلم تيار ڪئي هئي جنهن ۾ يوڪرين ۾ 2014ع ۾ ان وقت جي روس نواز جمهوري حڪومت خلاف بغاوت ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ڏيکاريو ويو هو.