گڏيل قومون-30 اپريل (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ جاري فلسطينين جي موت جو سلسلو رڪجڻ جو امڪان نظر نه اچي رهيو آهي ۽ ٻه رياستي حل ختم ٿيڻ جي نقطي ويجهو پهچي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هن وچ اوڀر جي صورتحال تي منعقد وزارتي اجلاس دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته غزه جي پٽي کي مستقبل جي فلسطيني رياست جي اندر رهڻ گهرجي. هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت غزه ۾ اسرائيلي موجودگي کي غير قانوني قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ٻه رياستي حل ختم ٿيڻ جي نقطي ويجهو پهچي رهيو آهي، پر عالمي برادري کي ٻه رياستي حل کي ختم نه ٿيڻ ڏيڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته ٻه رياستي حل وچ اوڀر ۾ امن جو بنياد آهي.