تهران-30 اپريل (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي چيو آهي ته ايران سان ڪو به ايٽمي معاهدو ايجنسي جي نگراني کانسواءِ رڳو ڪاغذ تي مس هوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي پرڏيهي وزير جين نول بيروٽ سان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته اسان کي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ گهرجن ۽ اهو ممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي وچ اوڀر ۽ دنيا ۾ ڪنهن به فوجي ڇڪتاڻ کي روڪڻ گهرجي. هن وقت سفارتڪاري دستياب ۽ ممڪن آهي. هن چيو ته جيئن ته اوهان ڄاڻو ٿا ته اسان نازڪ دور مان گذري رهيا آهيون، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ اهم ڳالهه ٻولهه جاري آهي. هن چيو ته هڪ ئي وقت ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف سان رابطي ۾ آهيان ته جيئن ايجنسي پنهنجو فني طريقيڪار ۽ گهربل سرگرمين جي نگراني لاءِ مددگار قدم پيش ڪري سگهي. هن وضاحت ڪئي ۽ چيو ته اسان به ايران ۾ موجود آهيون ۽ ايران جا ٺڪاڻا هاڻي به ايجنسي طرفان معائني ۽ نگراني جي تابع آهن پر اسان شفافيت جي سطح وڃائي ڇڏي آهي جيڪا اسان پهرين رکندا هئاسين. رافيل گروسي چيو ته پنهنجي ڳالهين ۾ هن اڳوڻي شفافيت جي بحالي لاءِ ضروري قدم پيش ڪيا آهن، هن چيو ته مسئلا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ٻطرفو عمل ۽ ايران ۽ ايجنسي وچ ۾ تعاون جو مسئلو هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته ٻئي عمل يا ته هڪٻئي جي حمايت ڪري سگهن ٿا يا هڪٻئي کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. اسان کي اميد آهي ته ٻنهي پٽڙين تي هڪجهڙي اڳڀرائي ٿيندي. هن اهو به چيو ته ايراني عملدارن تصديق ڪئي آهي ته هو ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، هو ڄاڻن ٿا ته نگراني جي ڪئميرائن، انسپڪٽرز ۽ ٻين معاملن جهڙا مسئلا آهن جن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مون کي اميد آهي ته هو درست رستي جي چونڊ ڪندا.