جيپور – 30 اپريل (اي پي پي)انڊين پريمئير ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . ليگ ۾ خميس ڏينهن پهرين اپريل تي وڌيڪ هڪ ميچ کيڏيو ويندو. ليگ جي 50 هين ميچ راجستان رائلز ۽ ممبئي انڊينز جي ٽيمن وچ ۾ سوائي مان سنگهه اسٽيڊيم، جيپور ۾ کيڏي ويندي. راجستان رائلز جي ٽيم جي قيادت وڪٽ ڪيپر بيٽسمين سنجو سيمسن ڪندو جڏهن ته ممبئي انڊينز جي اڳواڻي آل رائونڊر هاردڪ پانڊيا ڪندو. ممبئي انڊينز جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 12 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته راجستان رائلز جي ٽيم 06 پوائنٽس سان اٺين نمبر تي آهي. ليگ جي 18 هين ايڊيشن ۾ شامل 10 ٽيمون فائنل سميت مجموعي طور تي 74 ميچون کيڏنديون.